سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن

سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن

سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن

سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO): هن تنظيم بنيادي طور ڊسمبر 1982ع ۾ سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڪم شروع ڪيو، جنهن جو بنياد آغا خان رورل سپورٽ پروگرام (AKRSP) تحت پيو، پوءِ مرحليوار اهو ڪم ملڪي سطح تائين ڦهلجڻ لڳو ۽ سماجي منظم تحريڪ صوبائي رورل سپورٽ پروگرام (Provincial Rural Support Program) جو روپ ورتو، جنهن تحت حڪومتي سهڪار پڻ حاصل ٿيو. حڪومت گڏيل فنڊن وسيلي رورل سپورٽ پروگرام شروع ڪيا، جن هيٺ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پڻ پنهنجو نيٽ ورڪ جوڙي سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪم شروع ڪيو.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن 1982ع واري ڪمپنيز آرڊيننس جي سيڪشن 42 هيٺ رجسٽر ٿيل آهي، ان جو بنياد 29 مئي 2003ع تي وڌو ويو، جولاءِ 2003ع ۾ سنڌ حڪومت هن اداري کي 500 ملين فنڊ ڏنا، جيڪي اڳتي هلي هڪ بلين ٿيا.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) هڪ اهم ديهي سپورٽ پروگرام آهي، جيڪو سنڌ جي اترين ضلعن ۾ بنا ڪنهن نفعي ۽ لاڀ جي ڪم ڪري رهيو آهي. انهن ضلعن ۾ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ نوشهرو فيروز شامل آهن.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن شروع ۾ پنهنجون سرگرميون نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) سان گڏ ضلعي سکر کان شروع ڪيون. NRSP جو اهو پروگرام جيتوڻيڪ سکر ضلعي جي ٽن يونين ڪائونسلن تائين محدود هو، جنهن کي سنڌ رورل سپورٽ پروگرام وڌائي 5 ضلعن جي 23 يونين ڪائونسلن تائين آندو. ان وقت جيڪي ضلعا ڪم لاءِ چونڊيا ويا هئا، تن ۾ سکر، خيرپور، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي شامل هئا، جڏهن ته سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن هن وقت اتر سنڌ جي نون (9) ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. مجموعي طور 9 ضلعن جي 425 يونين ڪائونسلن ۾ SRSO جو دائريڪار موجود آهي.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جو مقصد اتر سنڌ جي 425 يونين ڪائونسلن، 9 ضلعن جي مختلف ڳوٺن، ٻهراڙين جي عام ماڻهن ۽ ادارن جي رهڻي ڪهڻيءَ کي بدلائڻ ۽ همت افزائي ڪندي سندن صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا مهيا ڪري ڏيڻ آهي، جيئن اهي پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي بهتر ۽ سهنجو ڪري سگهن.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جون پاليسيون سنڌ حڪومت جي سفارش سان جوڙيون وينديون آهن.
هن تنظيم جو اهم مقصد آهي ته عام ماڻهن ۽ بنيادي وسيلن کي اتساهيو وڃي ۽ برادرين کي ان لائق بڻايو وڃي ته جيئن اهي رٿابندي ڪن، اپائن ۽ انتظام سان پنهنجون سرگرميون ڪري غربت کي گهٽائيندي بهتر زندگي گذارڻ جو رستو ڪڍن. پاڪستان حڪومت جي جوڙيل غربت جي گهٽتائيءَ واري پاليسيءَ کي زور وٺرائڻ، ساراهڻ ۽ ان حڪمت عمليءَ کي هٿي ڏيڻ سان گڏ عملي طور اڳتي وڌائڻ هن اداري جو ڪم آهي.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) هن وقت تائين اتر سنڌ جي 9 ضلعن ۾ ڪيترا پراجيڪٽ پورا ڪري چڪي آهي، جن ۾ وليج ريهيبيليٽيشن پراجيڪٽ (ڳوٺ جي ٻيهر بحاليءَ) وارو منصوبو، پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان، ايج فرينڊلي پراجيڪٽ، هيلپ ايج انٽرنيشنل جي تعاون سان، ڪميونٽي انويسٽمينٽ فنڊ اينڊ پيوپل وومن امپاورمينٽ پروگرام (برادريءَ جي سيڙپڪاريءَ جو فنڊ ۽ عورت جي اختيارن وارو منصوبو: وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان)، اسٽيٽ لينڊ ٽو لينڊليس هاريز (بورڊ آف روينيو جي تعاون سان)، پرائيم منسٽر لائيو اسٽاڪ انيشيٽو (PMLI) زرعي ۽ خوراڪ واري وزارت جي تعاون سان، ڪنسٽرڪشن آف 200 لو ڪاسٽ هائوسز (گهٽ قيمت وارن 200 گهرن ٺاهڻ جو منصوبو، سنڌ حڪومت جي تعاون سان)، مدر اينڊ چائيلڊ هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو (MCH)، RSPN ۽ يونيسيف جي تعاون سان) اچي وڃن ٿا.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو اسپيشل پراجيڪٽ به هن تنظيم جو آهي، جيڪو سال 2009ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن کي RSPN ۽ حڪومت پاڪستان مالي مدد ڪري رهي آهي.
2010ع ۾ سنڌ ۾ آيل مهاٻوڏ دوران پڻ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هنگامي بنيادن تي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي.
تنظيم جي هلندڙ رٿائن ۾ يونين ڪائونسلز بيسڊ رورل پاورٽي رڊڪشن پروگرام، ايجوڪيشن پروجيڪٽ، سوشل موبلائيزيشن-III (سماجي تحرڪ، ٽيون مرحلو)، لائيولي هُڊ انهيچمينٽ اينڊ پروٽيڪشن پروگرام (LEP) (طرزِ زندگي سُڌارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ وارو منصوبو)، ايڪوائن ويلفيئر پروجيڪٽ (گڏيل فلاح ۽ بهبود وارو منصوبو)، ڪميونٽي فزيڪل انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ (برادرين جي سماجي ڍانچي جو ترقياتي منصوبو) شامل آهن.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جا سنڌ حڪومت کانسواءِ گورنمينٽ آف پاڪستان، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (PPAF)، انگرو فائونڊيشن، پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ (PPL)، هيلپ پيج پاڪستان، بروڪ پاڪستان، رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) ۽ انسٽيٽيوٽ آف رورل مئنيجمينٽ (IRM) وغيره مددگار (Donors) آهن.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، اسپيشل رپورٽن کان سواءِ نيوزليٽر، بروشر ۽ سنڌيءَ ۾ رسالو ’سرسو‘ ڪڍندي رهندي آهي، جنهن ۾ معلوماتي مواد شامل هوندو آهي.
سنڌ رورل سپورٽ پروگرام جو چيئرمئن فضل الله قريشي آهي، جڏهن ته ان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۾ شعيب سلطان خان، تسنيم احـمـد صديـقـي، ناهـيـد شـاهه دراني، شيرين ناريجـو، فريـال حسين خان، نظر محمد ميمڻ، نصير ميمڻ، غلام سرور کيڙو، غلام مصطفيٰ ابڙو، آذر اياز، راشد باجوا، سليمان جي. ابڙو ۽ محمد حنيف چنا شامل آهن.
محمد حنيف چنا هن وقت سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (SRSO) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي.
سـنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي جنرل باڊيءَ ۾: سيڪريٽري ناڻو کاتو، حڪومت سنڌ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ، ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن شامل آهن.


لفظ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو